اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پ??ڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصو??ي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصو??ي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پ??ڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پ??ڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.