اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پارلي??مي??ٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارلي??مي??ٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلي??مي??ٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اض??في جي ضرورت تي زور ڏنو.