اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت ??ي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪ??و پيو وڃي، عورتن ?? ٻارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.