اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ قدم ک??يا وي?? آهن، اي ڪامرس پاليسي لاڳو ٿي چڪي آهي، پهريون ڀيرو ”لڪ آفريقا“ پاليسي ٺاهي وئي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ موثر قدم ک??يا وي?? آهن، اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، جن جن شعبن ۾ صلاحيت موجود آهي انهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.