نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف دي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع ??ي ڏني هئي. پاڪستان 50 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ ش??مل آهي جنهن جو قيام جي ڊي آءِ جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٺوس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.