ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شع??ن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ?? سياحت جي شع??ن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شع??ي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.