اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر ??ڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪ??ر راڻا ثناالله پارلياماني وفد سا?? گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سا?? ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سا?? ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر ??ياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سا?? ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.