ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جُون پٿر جون ٺهيل قديمي عمارتون ملڪ جي ??ندهه تاريخ آهن، انهن کي محفوظ ڪيو وڃي.
اھڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام جي 140هين قيام جي ٽن ڏينهن واري تقريب جي ??خري ڏينهن تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ڪافي هائوس جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو.
ان موقعي تي هن چيو ته اسان سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي 124 سال پراڻي عمارت ٽالپر هائوس (جولاءِ 1901ع ۾ ٺهيل) جي ??حاليء?? وارو ڪم ڪرڻ تي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي ساراهيون ٿا ۽ اميد ڪريون ته ٿا اي ايف ٽي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي مک عمارت جي مرمت جو به ڪم ڪندي، جيڪا 1890ع ۾ تعمير ٿي هئي ۽ جتي پاڪستان جي ??اني قائداعظم محمد علي جناح ابتدائي تعليم حاصل ڪئي هئي.
وائيس چانسلر يونيورسٽي جي ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو انگريزن جي ??ور ۾ ٺهيل سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي پراڻين عمارتن جي ??ار سنڀال ڪن ڇو ته هن تاريخي عمارت جي ??ار سنڀال ۽ حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي.
حسن علي آفندي لائبريري جي ??مارت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيتوڻيڪ اها لڳ ڀڳ 126 سال اڳ 1898ع ۾ خيرپور ميرس جي ٽالپر حڪمرانن جي مالي سهڪار سان پرنسپال جي ??نگلي جي ??ور تي تعمير ڪئي وئي هئي، پر پوءِ 1985ع ۾ ان کي لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اڄ به ان جي ??ار سنڀال جي ??رورت آهي ۽ لائبريري مان فائدو حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن کي گهرجي ??ه هو ان عمارت کي ڪنهن به طرح ڪو نقصان نه پهچائين. هن شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي پراڻين عمارتن جو خيال رکن، جيڪي سنڌ مدرسته الاسلام جي ??ڃاڻپ آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چيو ته ڪافي هائوس سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ??هولتن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ڪافي هائوس آفيسرن، استادن ۽ شاگردن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي اهڙي سهولت جي ??رورت هئي. هن چيو ته ڪافي هائوس يونيورسٽي جي هڪ خالي جاءِ تي قائم ڪيو ويو آهي، جيڪا جاءِ خان بهادر حسن علي آفندي لائبريري جي ڀرسان هئي.
تقريب ۾ مختلف تعليمي شعبن جي ڊين، چيئرپرسن، فيڪلٽي، آفيسرن، ٻين ملازمن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.