اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جي پي مورگن پاڪستان جي سي اي او امين محمد خواجه جي قيادت ۾ عالمي سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيڙپڪارن طرفان پاڪستاني معيشت ۾ اداره جاتي سيڙپڪاري ۽ فڪسڊ انڪم سيڙپڪاري ??ي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪ??ون ويون. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي ??ار?? وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن کي بهتر بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته روانگي و??پا?? ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي جيڪا گذريل 34 مهينن دوران جي گهٽ ترين سطح آهي. هن پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ??ي نشاندهي پڻ ڪئي جيڪا مستحڪم ۽ اميد ڏيندڙ اقتصادي نقطئه نظر جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪي معاشي اوسر مالياتي نظم و ضبط، ناڻي واڌ جي انتظام ۽ ادائگين جي سازگار توازن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڍانچي جاتي سڌارن جي ايجنڊا تي به تفصيلي روشني وجهندي وفد کي ٻڌايو ته ڍانچا جاتي سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي بنياد کي وسعت ڏيڻ، پبلڪ سيڪٽر جي حقن، نجڪاري مهم ۽ توانائي جي شعبي جا سڌارا آهن. وفاقي وزير چيو ته سڌارن سان مجموعي طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ مدد ملندي. هن سرڪاري ??دارن جي ڪارڪردگي ۽ گورننس کي وڌائڻ لاءِ جامع سڌارن ??ار?? ايجنڊا جي حوالي سان حڪومت جي عزم ج ورجاءُ به ڪيو. هن چيو ته سڌارن جي ايجنڊا پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌ کان وڌ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جي ڊگهي مدي وار استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. ملاقات دوران عالمي سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي امڪانن بابت اميد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تجديد جوڳي توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي تر??ي ۽ مالياتي شعبي سميت ٻين شعبن م سيڙپڪاري ??ي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪ??ون ويون. هن ان شعبي ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ مارڪيٽ آهي. وفاقي وزير سيڙپڪارن جي منصوبن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ شراڪتداري ??ي انهن جي دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست ماحول کي برقرار رکندي پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪيو.