اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آه?? ته پاڪستان جي حڪومت معاشي سڌارن ذريعي ملڪي معيشت ??ي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، جن ۾ نجي شعبي جي حصيداري، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، پرڏيهي متا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ بهتري شامل آه??، اهي قدم نه رڳو معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪري رهيا آه?? پر عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اهم آه??. اهڙو اظهار هن ??ال??ه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن ??ي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشت جي استحڪام جون ڪوششون جاري آه??، جيڪي ملڪي ترقي لاءِ هڪ مثبت اشارو آه??. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو ڪردار ڪاروبار ڪرڻ ناهي پر نجي شعبي کي سهولت ف??اهم ڪرڻ آه??. هن بزنس ٽو بزنس ماڊل ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير گذريل 14-12 مهينن ۾ معاشي استحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي جو حوالو ڏنو. پاڪستان بنيادي سرپلس حاصل ڪيو، پنهنجي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي هڪ بلين ڊالرن کان گهٽ ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪرنسي ??ي مستحڪم ڪيو ۽ ٻن مهينن جي امپورٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن فائدن کي هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 6.9 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي سان مضبوط ڪيو ويو آه??. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيو آه??. هن چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو ويو آه?? تنهن هوندي به گهٽ ۾ گهٽ شرح حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آه??. هن چيو ته اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ ملڪ لاءِ توسيعي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچاجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ شامل آه??. هن ساختي سڌارن، پائيدار ترقي ۽ ٽيڪس سڌارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت ۽ حوصلي وارو آه??. هن ڪاورباري موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ پرڪشش مقام طور اڀري رهيو آه??. هن چيو ته حڪومت جو مقصد نجي شعبي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معيشت جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آه??.