نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪي??، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو 2 سيڪڙو آهي جڏهن ته نقصانن جو ڪِيتو سڀ کان وڌيڪ پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائ?? جو شڪار ڪي??، سي پيڪ بند ڪي??، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪي??، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بحال ٿيا، پاڪستان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ جي ريٽنگز اپ گريڊ ٿيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي و??و آهي. گڏيل قومن جي بلڊنگ آڏو صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي اها ڳالهه ڪندو ره??و آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري ره??و آهي، غزه، خان يونس، رفح ۾ معصوم فلسطينين تي ظلم ڪي?? پيو وڃي، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري ره??و آهي. دنيا کي اسرائيلي ڏوهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جڏهن به فلسطين جي ڳالهه ڪئي ته اهو موقف پيش ڪي?? ويو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فلسطين ۾ امن قائم ٿئي، جنگبندي ٿئي، پاڪستان سي 130 جهازن ۽ سامونڊي جهازن جي ذريعي امدادي سامان فلسطين موڪليو، فلسطين ۾ جن ميڊيڪل شا??ردن جي تعليم نامڪمل رهجي چڪي آهي، پاڪستان انهن شا??ردن کي پنهنجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته فلسطين جا شا??رد پنهنجي تعليم مڪمل ڪن ته جيئن فلسطين ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ نه ٿئي. هن چيو ته فلسطين مسئلو اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، دنيا ۾ پاڪستان جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جا نقصان ڀوڳڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ پاڻ ٻوڏ جي صورتحال جو مشاهدو ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هٿان وڏا نقصان کنيا آهن، اهي اسان اڃا به ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي 2018ع کانپوءِ آئسوليشن جو شڪار هئي، اوڀر، اولهه ۽ وچ اوڀر ۾ اسان جا دوست ملڪ ناراض هئا، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان لاڳاپا بحال ٿيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي. پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پاڪستان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪستان ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بلومبرگ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستان جي ريٽنگز اپ گريڊ ڪي??ن آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي و??و آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ۽ پاليسي ريٽ هيٺ آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت بحال ٿي آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪستان جي معيشت مان فائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان معاملا بهتر طريقي سان هلي رهيا آهن. آءِ ايم ايف معاهدو فائنل ٿيڻ وڃي ره??و آهي، عوام کي جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائ?? جو شڪار ڪي??، سي پيڪ بند ڪي??، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪي??، پرڏيهي پاليسي ان وقت ڇا هئي، هاڻي ڇا آهي، بهتري ڪيئن آئي آهي، توهان پاڻ ان جا جج آهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نه رڳو پاڪستاني ڪميونٽي پر ڊاڪٽرز، بينڪرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين سان ملاقاتون طئي آهن، ڪوشش هوندي ته ميڊيا کي هر لمحي کان باخبر رکيو وڃي، وزيراعظم جي اهم ملاقاتن جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا ويندا.