نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جو مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو، اسان معاشي چئل??نج?? کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان ??ڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئل??نج?? تي ضابطو آندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان ??ان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ ترڪ صدر انتهائي پرجوش خطاب ڪيو. ترڪ صدر سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترڪ صدر فلسطين جو مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان ??ان ??ڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو آهي. وزيراعظم ترڪ صدر کي سندس ??طاب تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ صدر سان ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ترڪ صدر جلد ئي پاڪستان ??و دورو ڪندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان ??هي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي تعاون کانسواءِ اه?? ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حتمي مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن جو تعلق چين سان هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستان ??و هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان معاشي چئل??نج?? کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان ??ڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئل??نج?? تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان ??و رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان ??ي عوام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.