اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالم?? قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن ??ي چارٽر ۽ عالم?? قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خطرناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل?? قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم نسل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ?? عالم?? قانسان?? قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اسرائيل 88 فلسطينين جي ڳڙيل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته اهو ناقابل معافي وحشياڻو فعل عالمي انسان?? قانون جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪائي اسرائيل?? قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان محروم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي عزت سان دفن ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو مقتولين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻائي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.