اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، تر??ي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سي پيڪ تحت جاري رٿائن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهي منصوبا پاڪستان جي ??عاشي استحڪام ۽ تر??يءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سي پيڪ جي جاري رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ??ين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي پيڪ تحت پنج ساله تر??ياتي منصوبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن صوبن جي شموليت ۽ تر??يءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀريو.هن هدايت ڪئي ته سي پيڪ فيز ون، سي پيڪ فيز ٽو جهڙن اهم جُزن کي شامل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي منصوبا پنهنجي ??قرر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ايم ايل ون (ملتان کان پشاور ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم منصوبن جي ??قت سر تڪميل تي خاص زور ڀريو ۽ هدايت ڏني ته انهن منصوبن جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي ??قت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. احسن اقبال سي پيڪ منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي منصوبا پاڪستان جي ??عاشي استحڪام ۽ تر??يءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.