اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) ??يل??روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي مُلڪن ??ي وچ ۾ 15 اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جن ۾ 2025ع کان 2027ع جي مدي لاءِ جامع تعاون جو روڊ ميپ پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب روڊ ميپ پاڪستان ۽ ??يل??روس جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي مرڪوز آهي. بيان موجب ??يل??روس جي صدر ۽ وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل رينج جو جامع جائزو ورتو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي، سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ??يل??روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي. ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کيس الوداع ڪيو.