اسلام آ??اد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ??رڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ??رڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ??وڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ??سان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ??رڪيه پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ م??زل هڪ آهي.