اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف يو??پي ڪميشن ۽ يو??پي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وزارت، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ پي آءِ اي جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ ان کي مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو، اه?? پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر آهي. هن چيو ته يو??پ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ هوائي سفر ۾ آساني پيدا ٿيندي.