اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي دنيا جي جبلن کي موسمياتي تبديلي، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻين غيرپائيدار طرز عملن ج?? وڌندڙ چئلينجز درپي?? آهن، اسان خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ محفوظ ۽ موسمياتي تبديلي کي برادشت ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ڪميونٽيز جي تعمير ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان جون ڪميونٽيز محفوظ به رهن ۽ ترقي به ڪن. جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان عالمي برادري سان گڏجي زمين تي جبلن ۽ انهن سان واڳيل لکين ماڻهن، جن جون زندگيون انهن شاندار منظرن سان ڳنڍيل آهن جي اهميت اجا??ر ڪريون ٿا، الله تعاليٰ اسان جي پياري ملڪ کي درجنين برف پوش ۽ سرسبز ڊگهي چوٽين سان نوازيو آهي، اسان جي هي سرزمين دنيا جي 16 بلند ترين جابلو چوٽين مان 8 چوٽين جو مسڪن آهي. ڪي – ٽو دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ۽ نانگا پربت دنيا جي نائين بلند ترين چوٽي کانسواءِ 7000 کان وڌيڪ گليشيئرز جيڪي قطبي خطن کان ٻاهر برف جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهن، پاڪستان ۾ ئي موجود آهن. هن چيو ته جبل جن کي اڪثر دنيا جا ”واٽر ٽاورز“ چيو وڃي ٿو، مٺي پاڻي ۽ صاف هوا جهڙن ضروري وسيلن جو ذر??عو آهن، سڄي دنيا جي جبلن کي موسمياتي تبديلي، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻين غيرپائيدار طرز عمل ج?? وڌندڙ چئلينجز درپي?? آهن. وزيراعظم چيو ته هن سال جبلن جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”جبلن جي پائيداري جي لاءِ حل – جدت، موافقت، نوجوان ۽ مستقبل“ گڏيل ڪوششن، مقامي دانش جي احترام ۽ جبلن جي تحفظ جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ ۾ نوجوانن جي فعال شموليت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جبلن جي حفاظت جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ نيشنل مائونٽين ڪنزرويشن اسٽريٽجي کان وٺي ماحولياتي سياحت جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن تي ڌيان آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي جديد حل جهڙوڪ ارلي واننگ سسٽمز، زمين جي ڪٽاءُ کي روڪڻ جي لاءِ بائيو انجنيئرنگ ٽيڪنيڪ ۽ ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ پائيدار اڏاوتن جي ذر??عي اسان خيبرپختونخواهه ۽ گلگلت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ محفوظ ۽ موسمياتي تبديلي کي برادشت ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ڪميونٽيز جي تعمير ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان جون ڪميونٽيز محفوظ به رهن ۽ ترقي به ڪن. هن چيو ته دنيا ۾ ڪجهه انتهائي بهترين جبلن ۽ چوٽين جي محافظ جي طور تي اچو اسان اڄ جي ڏينهن ان جي قدرتي ماحول جي حفاظت ?? پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ انهن جي خوبصورتي کي محفوظ رکڻ جو عزم ڪريون.