اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي چيئ??مي?? راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ و??ير??عظم يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هن??مندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي چيئ??مي?? راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته و??ير??عظم يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.