اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 13هون دور ڪالهه سومر ڏينهن اوسلو ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سي??ري??ري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سگني بروڊسيٽ پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائز?? ورتو ۽ قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ سامونڊي شعبي?? آبهوا، تعليم، صحت ۽ ??ار??ياماني مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ڌرين پاڪستان ناروي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي لاءِ رفتار وڌائڻ ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان ناروي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد م گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي ٿيندو.