ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي ۽ هاڻي ا??ان جو هدف ان کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ”اڏار پاڪستان“ انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي جنهن ??ان ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۽ سماجي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج جي دوري جي موقعي تي 2024ع ۾ دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ اي??سچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ اي??سچينج جي بهتر ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ هاڻي ا??ان کي ميڪرو سطح تي استحڪام کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي ا??ان جو اصل هدف ۽ هڪ چئلينج به آهي جنهن جي لاءِ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جون تجويزون تمام اهم آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي ۽ ا??ان جي واپار، ماليات ۽ برآمدات جو مرڪز آهي ۽ هن شهر جي سيڙپڪارن جون تجويزون ۽ راءِ ا??ان جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ لاڀائتيون ثابت ٿينديون. هن ڪاروباري اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن کي وفاقي گادي واري شهر اچڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن معيشت جي حوالي ??ان ساڻن کلي ڳالهه ٻولهه ٿئي. ٽيڪس وصولي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جو هدف جي ڊي پي جي تناسب ??ان 10.5 سيڪڙو هو پر ا??ان 10.8 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻي وڌيڪ رفتار وڌائڻ جي لاءِ ا??ان کي بئنڪن کان سرمائي ۽ قرضن جي ضرورت آهي. هن پاليسي ريٽ ۾ 22 سيڪڙو کان 13 سيڪڙو تائين گهٽتائي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ا??ان پاڻ کي تيار رکي ان کي وڌيڪ هيٺ کڻي وينداسين. هن چيو ته ا??ان آءِ ايم ايف ??ان پروگرام ۾ آهيون ۽ آءِ ايم ايف ??ان ڪيل واعدن جي پاسداري ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن وقت ايندو ته ا??ان آءِ ايم ايف پروگرام کي الوداع چئي ڇڏينداسين پر هن وقت ا??ان کي هدفن کي حاصل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ا??ان کي بصيرت ۽ دانشمندي ??ان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ برامدات رکندڙ واڌويجهه کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ ٺوس تجويزن ۽ سفارشن جي ضرورت آهي ته ا??ان روانگي واپار رکندڙ واڌويجهه کي ڪيئن حاصل ڪري سگهون ٿا. هن زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ا??ان جي سرزمين جي هيٺ کربين ڊالر جا قدرتي وسيلا موجود آهن. هن چيو ته تازو ئي هتان جو دورو ڪندڙ اولهندي سيڙپڪارن مٽيءَ هيٺ خزانن جي ڳولا ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي ۽ اهي خام مال کڻڻ بدران هتي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ توهان جي تعاون ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي ته جيئن ا??ان ملڪ کي ترقي ??ان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهون. هن چيو ته هتي وڏا وڏا واپاري ۽ سيڙپڪار موجود آهن جيڪي لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهن ۽ ٽيڪس ڏين ٿا. وزيراعظم نجڪاري جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته نجڪاري جو عمل سئو سيڪڙو شفافيت تي ٻڌل آهي. هن چيو ته مون کي خوشي ٿيندي ته ان حوالي ??ان توهان ماڻهو تجويزون ڏيون ته ان کي ڪهڙي طرح وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن جي انضمام جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ وڃايل مقام حاصل ڪندو، جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ کي پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج گذريل هڪ سال ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، انڊيڪس ۾ 65 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، لسٽڊ ڪمپنين جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ آءِ پي اوز اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ??ان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف ??ان ايس بي اي ۽ توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جو بنيادي مقصد ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻو هو جنهن جا بهترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج جي چيف اي??زيڪيوٽو آفيسر فرخ سبزواري چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ??ان پاڪستان اسٽاڪ اي??سچينج ۾ نمايان تيزي آئي آهي، ا??ان پنهنجي چيني حصيدارن جا پڻ ٿورائتا آهيون، چيني اسٽاڪ اي??سچينجز ??ان ا??ان جي بهترين حصيداري آهي، ا??ان چين جي ٽن اسٽاڪ اي??سچينجز ??ان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ا??ان جي وچ ۾ فني سهڪار جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ سال ۾ 80 سيڪڙو جو ريٽرن ڏنو آهي جيڪو مارڪيٽ جي بهترين ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ۾ 525 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، 70 سيڪڙو ٽريڊنگ واليوم شريعه ڪمپلائنٽ آهي جڏهن ته هن وقت مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڪاٿو 52.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ا??ان جي ڪوشش آهي ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن کي 100 ارب ڊالر تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته نئين اسٽارٽ اپس ۽ نئين ڪمپنين جي حوصلا افزائي ??ان گڏوگڏ بچت ۽ سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان ضروري آهي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڪراچي جي واپاري برادري جا نمائندا ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.