اسلام آباد – 21 – مئي (ا?? پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليز??ده سينيٽ چ??ئر??ين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪر?? پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چ??ئر??ين چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ??رو??ت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ??رو??ي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.