لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلا??ل ڀٽو زرداري پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لا??ِ نئون ديرو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جيالن اتي بلا??ل ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري س??دس آجيان ڪئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلا??ل ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لا??ِ نڪرن جيڪو و??ٽ انهن جي طاقت آهي ان جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل سروس بند ٿيڻ سان پوري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پولنگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي فارم 45 لاءِ ويهندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پهچڻ ۾ دير ٿيندي جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿيندو. هن چيو ته موبائيل سروس بند ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿينديون، سيڪيورٽي جي لحاظ سان جمهوريت جي نالي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل سروس کي في الفور بحال ٿيڻ ??هر??ي جيڪو پاڪستان جي عوام جو بنيادي آهي ته جيئن هو پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لا??ِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضروري ڪامياب ٿيندي. هوڏانهن بلا??ل ڀٽو زرداريءَ جي آمد جي موقعي تي س??ڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي بلا??ل ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي لڳايل پولنگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيالن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.