اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن، ڪ??هن کي پا??ستان تي تنقيد ۽ پرڏيهي پاليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پا??ستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي پاليسي هڪ حساس موضوع آهي، گذريل ڏي??هن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آهي ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ ا??هن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به دوست ملڪن پاران پا??ستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پا??ستان جي دوست ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پا??ستان تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته ا??هن جي ليڊر جو شيوو رهيو آهي ته پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻو آهي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي ج??هن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آهي، ان جو هڪ تقدس هوندو آهي، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پا??ستان جي دوست ملڪن جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان ا??هن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪ??هن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پا??ستان اڳتي وڌي رهيو آهي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پا??ستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذر??عي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها ا??هن جي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، ا??هن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪ??هن به دوست ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پا?? ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ڪ??هن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آهي ج??هن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا ج??هن جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿاهُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.