بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پن?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي من??وبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳ??اڻ?? سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر شي جن پن?? سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چين ۾ سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي صدر شي جن پن?? جا ٿورا مڃيا. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پن?? جي پاڪستان جي تاريخي دوري کي ياد ڪيو جنهن دوران چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي باضابطا طور تي فعال ڪيو ويو هو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي وئي هئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري جي توثيق ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول افغانستان، فلسطين ۽ ڏکڻ ايشيا بشمول ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي دلچسپي جي معاملن تي پنهنجي پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر شي جن پن?? جي ويزن??ي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي آر آءِ جي فليگ شپ من??وبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳ??اڻ?? سي پيڪ تحت جاري وڏن من??وبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق راءِ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سي پيڪ تحت ترقياتي من??وبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سي پيڪ تحت ٻنهي ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني شهرين، من??وبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ مڪمل حمايت تي زور ڏنو. وزيراعظم صدر شي جن پن?? کي اقتصادي سڌارن ۽ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جديدڪاري ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي پاليسين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت جي عوام تي مرڪوز سماجي ۽ اقصادي ترقي جي ايجنڊا چين جي ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور تي ٻڌل آهي. صدر شي جن پن?? وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو، جتي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ ٻيو دور ٿيو. 2024ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اها پهرين ملاقات هئي. اها ملاقات ٻطرفي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي عڪاس هئي.