اسلام آباد – 25 آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ??لط ڳالهيون ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر ??وڳاڇي رهي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا ??هي، عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ ا??صاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان پوري قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.