اسلا?? آباد – 05 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اسلا?? آباد جي علائقي برما ٽائون ۾ احساس ويمن ايمپاورمنٽ سينٽر (ڊبليو اي سي) جو دورو ڪيو، دوري دوران ڊاڪٽر نشتر مستحق باصلاحيت ڇوڪرين ۽ عورتن سان ملاقات ڪئي جنهن کي ڪمپيوٽر لرننگ، بيوٽيشن، لباس جي ڊزائين ۽ تياري ۽ هٿ ۽ مشيني ڪڙاهي جهڙا اسڪلز ٽريننگ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن ڇوڪرين جا خدشا ۽ تجويزون ٻڌيون، دوري دوران غربت جي خاتمي واري سيڪريٽري ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊا??ريڪٽر به ساڻس گڏ هئا.