اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آبا?? ۾ ??حساس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ?? سائبر حملن جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن ??ائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. احساس ادائيگي نظام کي وصول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.