اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ?? ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو ??ظه??ر ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.