اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون ف??اهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس م??اق??ت ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي س?? اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪ??يٽ?? جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون ف??اهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.