اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ اسان پارلياماني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، جتي اهو ??يصلو ڪرڻو آهي ته عوامي نمائيندا اهليت ۽ ميرٽ تي بنياد تي پارليامينٽ ۾ ايندا يا خريد ۽ وڪري جي ذريعي ايندا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اوپن ب??لٽ جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۾ ان ڪرپٽ نظام جو تسلسل چاهين ٿا، جنهن جي خلاف عمران خان اعل??ن جنگ ڪيو آهي.