دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ منعقد نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس اجلاس جي موقعي تي افغان هم منصب محمد حني?? آتمر سان مل??قات دوران ڪيو. مل??قات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.