اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خ??بر??ختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 135 فوتگيون ٿيون جنه?? مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ 4 هزار 681 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، صوابي ۾ 95 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 92 ٽيسٽ ڪيا ويا ج?? مان سنڌ ۾ 10 هزار 176، پنجاب ۾ 22 هزار 781، خ??بر??ختونخواهه ۾ 6 هزار 874، اسلام آباد ۾ 5 هزار 493، بلوچستان ۾ 1 هزار 230، گلگت بلتستان ۾ 535، آزاد ڪشمير ۾ 1 هزار 3 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 م??ن صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 41 هزار 912 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 504 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 757 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 34 هزار 423 آهي.