اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ سفارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏي??دي?? جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سا?? پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سا?? پاليسي بيان ڏيندي پر??يه?? وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق راءِ سا?? مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.