اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ورلڊ پاپوليشن ريويو سڄي دنيا ۾ رهڻي ڪهڻي جي خرچن (ڪاسٽ آف ليونگ) بابت ??نهنجي سالياني رپورٽ 2021ع جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي سستو ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، 22 ڪروڙ 51 لک 99 هزار 937 آبادي سا?? گڏ پاڪستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 18.58 آهي، 3 ڪروڙ 98 لک 35 هزار 428 آبادي سا?? گڏ افغانستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 24.51، انڊيا ۾ هڪ ارب 39 ڪروڙ 34 لک 9 هزار 38 جي آبادي سا?? گڏ ڪاسٽ آف ليونگ 25.14 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ازبڪستان ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 30.25، نيپال 30.69، نائجيريا 31.75، ويٽنام 38.72، ملائيشيا 39.46، برازيل ۾ 42.64 آهي. هن ٻڌايو ته ڪاسٽ آف ليونگ جي حوالي سان دنيا جي مهانگي ترين ملڪن ۾ ڪيمين آئس لينڊ ۾ 141.64، برمنڊا ۾ 138.22، سوئيٽزرلينڊ ۾ 122.67 ۽ ناروي ۾ ڪاسٽ آف ليونگ 104.49 آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي اداري هر ملڪ جي رينٽ انڊيڪس، مقامي قومي خريد، ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ گروسري انڊيڪس کي نظر ۾ رکي اها رپورٽ تيار ڪئي آهي.