اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، اطلاعات واري وزير چوڌري فو??د حسين، قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ڊي جي ايم او ??يج?? جنرل نعمان ذڪريا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ??يج?? جنرل بابر افتخار ۽ سينئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ امان امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي خا?? طور تي پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سروي آف پاڪستان 2021ع کي استعمال ۾ آڻيندي سرحدي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي سرحدي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان کانسواءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ علائقي جي سول ۽ پوليس انتظاميه کي به وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ڊيره غازي خان ۽ راجن پور جي گهٽ ترقي يافته علائقن خا?? طور تي انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ صوبي جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ لاءِ پنج سالا جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي جي به اصولي منظوري ڏني. نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺندي اجلاس هيستائين جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پلان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ موجود?? دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خا?? طور تي جاسوسي، تخريبڪاري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي ??ئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فو??، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين، سول آرمڊ فو??سز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو.