اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، طالبان مخلوط حڪومت جوڙين، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سان گڏ بدين پريس ڪلب جي عهديد??رن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، وزيراعظم عمران خان باجوڙ ۾ پنهنجي خطاب دوران اشرف غني کي اليڪشن بدران سمورن گروپس سان گڏجي متفقه حڪومت قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، طالبان کي به اسان جو مشورو آهي ته اهي مخلوط حڪومت جوڙين. هن چيو ته اسان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، اسان سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ملائڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو، اهي مقصد انهي وقت حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران اٽڪل 1900 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي وفاق ??اران مليا، وفاق کي سڄي ملڪ مان ملندڙ ٽيڪس جو 59 سيڪڙو حصو صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿو، بدين ۽ گهوٽڪي ۾ گئس جي رائلٽي جي نالي تي سنڌ حڪومت وڏي رقم وفاق کان وٺي ٿي، بدين کي پنهنجي مسئلن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس کي حق هجڻ گهرجي ته اهي ميڊيا ٽربيونلز جي ذريعي پنهنجي ڪانٽريڪٽ جي انفورسمينٽ ڪرائي سگهن، گذريل ساڍن ٽن مهينن دوران اٽڪل 70 ڪروڙ رپيا ميڊيا گروپس کي جاري ڪيا ويا پر هن وقت به ميڊيا ادارا پنهنجي ورڪرز کي پگه??رن جي ادائيگيون نه ڪري رهيا آهن جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ فيڪ نيوز کانسواءِ هر ترميم جي لاءِ تيار آهيون. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين هڪ وڏي سياسي پس منظر جي باوجود پٺتي پيل علائقو آهي، بدين جي ميديا جو علائقائي ايشوز کي اٿارڻ ۾ متحرڪ ڪردار آهي، ميڊيا اد??رن کي ادائيگي جي باوجود ورڪرز کي پگه??رن جي ادائيگي نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پريس ڪلب جي عهديد??رن اطلاعات واري وفاقي وزير کي سنڌ حڪومت پاران ڪيل ناانصافين سميت درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پريس ڪلب جي عهديد??رن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. بدين پريس ڪلب جي عهديد??رن ۾ پريس ڪلب جو صدر تنوير احمد آرائين، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، دودو پنهور، اشرف ميمڻ، ساوڻ خاصخيلي، ملڪ الياس، عمران عبا?? خواجه، اش??اق ??يمڻ، اي مجيد، شڪور ميمڻ، خالد عباسي، شفيع ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ ۽ نور حسن سولنگي شامل هئا.