دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ است??ڪا?? لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسان جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿي??ن، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌيان افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته افغانستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته است??ڪا?? طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربراهه ??تي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به ??تي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهي??ن، افغانستان جي است??ڪا?? لاءِ سمورن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.