اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته ??ختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي م??تلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي م??حول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري م??تودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪستان جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته ??ن جاپان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپان جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته ??اڪستان ماهيگيري ۽ زرعي م??نوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل ??هي?? جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ??وياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنين جي م??د ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪستان جي شرڪت جي درخواست ڪئي ??هي?? هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ??ئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.