اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ??يو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپارين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪاروباري ماحول فراهم ??رڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ??يو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ??نو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهج?? ۽ ??رقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي خاص طور تي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.