اسلام آباد – 31 ڊسمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فنا??س ترميمي ايڪٽ ۾ غير ملڪي ڊرامن ۽ اشتهارن جي لاءِ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي ٽيڪسن ۾ اضافي جو مقصد پ??ڪس??ان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فنا??س ترميمي ايڪٽ ۾ جتي سينيما ۽ فلم پروڊڪشن جي مشينري تي ٽيڪس نه آهي اتي غير ملڪي ڊراما درآمد ڪرڻ ۽ اشتهارن ۾ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پ??ڪس??ان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.