اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بحث ٿيو، قومي سلامتي پاليسي جاري ڪرڻ ضروري هو، پاڪستا?? جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو ح??و آهي.
وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي پبلڪ ورزن جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان پوري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن، پاڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بهث ٿيو، ضرورت هئي ته پاڪستاني قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي وڃي، پاڪستا?? جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو ح??و آهي، تعليم جو قومي سلامتي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي اسا?? جي سلامتي تي اثر انداز ٿيندڙ روايتي ۽ غير روايتي مسئل?? جي وسيع ڏس ۾ جوڙي وئي آهي.
قومي سلامتي پاليسي ۾ جي??اس??ريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل رخن جو محور معاشي سلامتي آهي جنهن ۾ پاڪستا?? جي سلامتي جو استحڪام ۽ دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ نمايان خصوصيتون آهن. هن چيو ته ان دستاويز کي مڪمل سول ملٽري اتفاق راءِ کانپوءِ حتمي شڪل ڏني وئي آهي.