اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ??رجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گهرو وزير جي ڪت??ب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد اسان جي ??ياست جو روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪي سياست جو روشن رخ اجاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شيخ رشيد احمد جي ??ياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ رشيد احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سياست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي ??يثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شيخ رشيد احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ??ياست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شيخ رشيد احمد ج?? آواز اهميت رکي ٿو، شيخ رشيد احمد جي ڪت??ب ۾ شيخ رشيد احمد پنهنجي ??ياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪت??ب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.