??سل??م آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينئر اداڪار رشيد خان جي ??اڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، ه?? پشتو، ه??دڪو ۽ اردو زبان جي ??ي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سان ماڻهن جون دليو?? کٽيون. پنهنجي بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي ??اڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿيندو، ه?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.