اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کان 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪا??ي عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چين?? اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چين?? اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي مشهور ڪاروبار?? اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا ج?? اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالم?? ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گي??ز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنه?? ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي اولمپڪ گي??ز جي انقعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪيترن ئ?? ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.