اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي م??ري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزير ک?? پاڪستان جي م??ري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار ک?? ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اج??گر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي م??ڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي م??ادن جو تحفظ جاري رکندي.