ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي ماسڪو پهچي ويو. وزيرا??ظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان کي گا??ڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيرا??ظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيرا??ظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دو??و ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيرا??ظم آهي جيڪو روس جو دو??و ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيرا??ظم جي ملاقات ان دو??ي جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيرا??ظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيرا??ظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دو??و ڪندو. وزيرا??ظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪ??دا. وزيرا??ظم جو دو??و روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.