اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ماضي ۾ بي اعتمادي رٿ ۾ نوٽن جون ٻوريون متعارف ڪرائڻ ۽ ضمير جون منڊيون لڳائيندڙ نواز شريف ۽ زرداري هارس ٽريڊنگ کي عروج تي پهچاي?? ۽ ??شهور اصطلاح ڇانگا مانگا جي سياست متعارف ڪرائي، هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ آندي وئي آه??، ان جو مقصد ئي اهو آه?? ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو پر هاڻي انهن وٽ نه ئي ڇانگا مانگا آه?? ۽ نه ئي ميمبرن جا ضمير وڪرو ٿيڻ لاءِ تيار آه??، هن ڀيري مخالف ڌر جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، انهن واپارين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ وزيراعظم عمران خان آه??، مولانا فضل الرحمان جي سياست سياسي مفاد جي لاءِ آه??، ننهو منو سياستدان جيڪو اسان جي ٻولي نه ٿو ڳالهائي سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ڇا سمجهند??، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش آه?? ته بي اعتمادي جي رٿ کي جلد کان جلد ايوان ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ اسلام آباد ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 1989ع ۾ پهريون ڀيرو جڏهن بي اعتمادي رٿ آندي وئي ان وقت نواز شريف جي آءِ جي آءِ هئي ۽ جي يو آءِ ان جو حصو هئي، ان وقت جيڪي نوٽن جون ٻوريون کوليون ويون ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي منڊيون ۽ ٻوليون لڳايون ويون انهي سان ئي ”ڇانگا مانگا جي سياست“ جي مشهور اصطلاح وجود ۾ آئي، پوءِ زرداري ميدان ۾ لٿ?? ۽ ??ن پنهنجي مارڪيٽ کولي ڇڏي ۽ ماڻهن کي مريءَ کڻي ويو، خريد ۽ وڪر?? ۽ ??يمبرن جي ضميرن جي خريداري جي شروعات پاڪستان ۾ جن ٻن ماڻهن عروج تي پهچايو اهي نواز شريف ۽ زرداري هئا، هاڻي انهن بنهي گڏجي فيصلو ڪيو ته خريد ۽ وڪري جي پنهنجي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ کولي ڇڏيون. هن چيو ته هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ وزيراعظم جي خلاف آندي وئي آه?? ان جو مقصد ئي اهو آه?? ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو، پر هاڻي انهن وٽ نه ئي ڇانگا مانگا آه?? ۽ نه ئي ميمبر پنهنجا ضمير وڪرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??. وفاقي وزير چيو ته 1989ع جي ان مشق جيترو نقصان پاڪستان جي اسيمبلي ۽ جمهوريت کي پهچايو اسان ان جو ازالو اڃا تائين نه ڪري سگهيا آه??ون، انهي منڊي جا ٻه اهم مهرا ٻيهر اها اسٽاڪ مارڪيٽ کڻي آيا آه?? ۽ هن ڀيري انهن جي ڪا ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. انهن پئسن جي واپارين جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ آه?? ته اهو آه?? عمران خان. 1989ع کان وٺي يا جڏهن کان انهن سياست شروع ڪئي زرداري هجي يا نواز شريف ٻنهي جو هڪ ئي ماڊل رهيو آه?? ته پئسا لڳايو ماڻهن کي خريد ڪيو ۽ حڪومت ۾ اچ?? ۽ ??وءِ ملڪ کي ڦريو ۽ جيڪو پئسو لڳايو هو، ان کان ڊبل ڪماي?? ۽ ??لڪ کان ٻاهر هليا وڃو. هن چيو ته هي سياست جو اهو ماڊل آه?? جنهن جي شروعات نواز شريف ۽ زرداري شروع ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ مولانا فضل الرحمان جي انٽري ٿي جنهن اڳ ۾ 1993ع ۾ بينظير ڀٽو کان مفاد ورتا، ان کان اڳ ڊيزل جي پرمٽ جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي نه هئي ته اها پرمٽ به هوندي آه??، فضل الرحمان ڊيزل پرمٽ وٺڻ شروع ڪئي. ان کانپوءِ هن ان وقت جي طاقتور ٻاهرئين طاقتن کان پئسا سڌوسنئون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ مولانا فضل الرحمان جي هيڊ آفيس ڏسندا ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي ملڪ جي امداد سان اها ٺاهي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته انهي دوران هڪ ننهو منو ليڊر نَنهو مُنو مارچ کڻي اسلام آباد جي مٿان چڙهي آيو، ان تي حيرانگي آه?? جيڪو بنيادي ڳالهه نه ٿو سمجهي سگهي ۽ هو اسان جي زبان ڳالهائي نه ٿو سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ٻولهه ڇا سمجهندو. هن چيو ته اها ته انهن جي غلط فهمي هئي، اهي جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيا ۽ پنجاب انهن جي منهن چماٽ هڻڻ شروع ڪيون. نديم افضل چن پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ويو ته هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ آيو، مون چيو ته پيپلزپارٽي ۾ ڇو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪو سياسي فيصلو ڪرڻو آه?? ته پيپلزپارٽي قطعي طور بهتر چوائس نه آه??. هن چيو ته پيپلزپارٽي جون جيڪي حالتون آه?? جن ماڻهن جو ذاتي ووٽ بئنڪ به آه??، جڏهن انهن تي زرداري جو ٺپو لڳي ٿو ته 10 هزار ووٽ گهٽ ٿي وڃن ٿا. پيپلزپارٽي جي ڪير ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ اين ايف سي جو پئسو ننهي مُني مارچ کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ پاڻي وانگر وهايو ويو، سرڪاري گاڏين تي بينرز ۽ جهنڊا لڳي رهيا هئا ۽ ايمبولينس تي بانس ٻڌل هئا. هن چيو ته 18 هين ترميم جي نالي تي عجيب تماشو لڳل آه?? ته صوبن کان توهان پڇي نه ٿا سگهو ۽ صوبن ۾ اهڙي طرح پئسو ضايع ٿي رهيو آه??. هن چيو ته جڏهن دنيا هڪ سنگين مالي بحران جو شڪار آه??، آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو آه?? ته هو روس کان تيل ۽ گئس به خريد نه ڪندا، ان کانپوءِ اهو عالمي مالياتي بحران وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آه??. هن چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته هن وقت هڪ سياسي استحڪام جي ضرورت آه?? ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش ڪري رهيا آه??ون ته بي اعتمادي رٿ کي ڊگهو نه لٽڪايو وڃي، ان کي جلد کان جلد ايوان ۾ کڻي اچو ڇو ته ملڪ هڪ ڊگهي بحران کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر کي 172 ماڻهو شو ڪرڻا آه??، اسان جا 179 ماڻهو وزيراعظم عمران خان جي حمايت ڪن ٿا ۽ اميد آه?? ته 5 کان وڌيڪ ٻين ميمبرن جي حمايت ملي ويندي جنهن کانپوءِ 184 کان وڌيڪ ماڻهو حمايت ۾ هوندا، مخالف ڌر 172 ماڻهو آڻي ۽ همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪري ميڊيا آڏو ئي آڻي ڇڏي ته جيئن خبر پئجي وڃي ته ڪير ڪٿي بيٺل آه??، جيڪو ووٽ توهان عوام کان وٺو ٿا اهو ڪنهن پارٽي ٽڪيٽ يا پارٽي ليڊر جي ڪري وٺو ٿا تنهن ڪري اها ٽڪيٽ پارٽي جي امانت آه?? جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ 172 ماڻهو آه?? ته ميڊيا تي آڻي ۽ دير نه ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪا دڪان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي 3 ميمبرن جن ۾ ٻه عورتون به شامل آه??، انهن وزيراعظم کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ته انهن کي 10، 10 ڪروڙ جي آفر ٿي آه??. گذريل ڏينهن به هڪ قومي اسيمبلي ميمبر ٻڌايو ته ان کي پئسن جي آڇ ڪئي وئي پر هن ان کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته جيڪي واپاري اهڙي قسم جي سياست ڪري رهيا آه?? اسان ان کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته هاڻي اسان مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش نه ڪري رهيا آه??ون ڇو ته اسان اڳ ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ?? انهن کي چونڊ سڌارن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي آڇ ڪئي پر ڪير ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آه??، جڏهن انهن کي عزت راس نه آه?? ته انهن سان ڳالهه ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه آه??. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست آه?? ته فوري طور تي اجلاس گهرائي ?? ان معاملي کي اڪلائي. ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پڻ معاشي صورتحال تي روشني وڌي.