اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملائيشيا ۽ انڊونيش??ا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گفتگو دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيند?? پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيش??ا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيش??ا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وف??ن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ملائيشين هم منصب کي اسلام آباد ?? منعقد، او آءِ س?? پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه انڊونيش??ا ج?? پرڏيهي وزير ريٽنو مرسودي سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنه?? پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيان، او آءِ سي ۽ ٻين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنه?? پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيش??ا ج?? پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي انڊونيش??ا جي دوري جي دعوت ڏني، دعوت قبول ڪند?? پرڏيهي وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي انڊونيش??ا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.