اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي سلام??ي ڪميٽي خط تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران ا??تع??ال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪا??ڊ ڪرايو ويندو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلام??ي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گه??و، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي جي وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي سلامتي واري صلاحڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر عهديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران ا??تع??ال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪا??ڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي سلام??ي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوص?? ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.